دلير رند سخي

دلير رند سخي: سخي دلير، بلوچستان جو رند بلوچ هو ۽ اتان ڳوٺ جهانگارا، تعلقي سيوهڻ لڏي آيو. سخي دلير مقامي بلوچن کي ايترو ته پيارو هو، جو چيو وڃي ٿو ته جڏهن هن وفات ڪئي ته سندس مقبري جي اڏاوت ۾ پاڻيءَ بدران ڏاچين جو کير استعمال ڪيو ويو، جنهنڪري مقبري جو رنگ اڇو آهي. دلير رند سخي ۽ انصاف پسند شخص هو. عقيدتمند بلوچن مقبري جي ڀتين تي ذاتين ۽ قبيلن جا نالا لکي ڇڏيا آهن، وهم وسوڙن جو خيال آهي ته ائين ڪرڻ سان سندن بيماريون ختم ٿي وينديون. دلير رند جو مقبرو ڪلهوڙن جي زماني جي مقبرن جهڙو ٺهيل آهي. انهن مقبرن وانگر هن مقبري جي گنبذ مٿان شمع دان آهي، هونئن عام طور گنبذن جي چوٽيءَ تي ڪلس يا نيل هوندي آهي. اهڙو ساڳيو شمع دان لاڙڪاڻي ۾ شاهه بهاري جي مقبري مٿان به ٺهيل آهي. اهو هڪ خاص نمونو آهي، جيڪو ڪلهوڙن سنڌ ۾ متعارف ڪرايو. سخي دلير رند اصل بلوچستان جو هو، پر سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ رهندو هو. ان ڪري ئي سندس مقبرو به ڪلهوڙن جي خاص ڪارندن جي مقبرن وانگر ٺهيل آهي. ممڪن آهي ته سندس ڪلهوڙن جي درٻار سان واسطو رهيو هجي.


لفظ دلير رند سخيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو